اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديويءَ جو مندر

اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديويءَ جو مندر

اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديوي

اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديوي: هندومت ۾ شوِ ديوتا، پنهنجي تباهه ڪندڙ روپ ۾ ڪالي ديويءَ جو مڙس آهي. هن کي ڪاليڪا، مهاڪالي، ڪالي ما، ڪالي ماتا به چيو ويندو آهي. ڪالي ديويءَ کي سنهڙي، سڪڙي ڀيانڪ شڪل ۽ چئن هٿن واري ديوي طور ڏيکاريو ويندو آهي. اڄ به اروڙ جي جبلن جي غار اندر، صديون پراڻي ڪالي مندر تي پوڄاري سيس نمائڻ ايندا آهن. ان ديوي جي اڪثر سنڌ ۾ وڏي مڃتا آهي. ڪيترائي لوڪ اچي هت باسون باسيندا آهن. اتي نوراتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. ديوي ماتا تي هزارين ناريلن جي ڀيٽا چڙهندي آهي. ڪالڪا ديوي جي مورتي هوبهو ڪلڪتي جي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتي جهڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو